بکر شيدي

بکر شيدي

بکر شيدي

بکر شيدي: بکر شيدي، لاڙ جي مشهور ملهه انب شيديءَ (انب کارائيءَ) جو پٽ آهي. سندس اصل نالو غلام حسين هو. ”اندرين“ ۽ ”وارو“ سندس مَلهه جا خاص داءَ هئا. هيءُ ڏسڻ ۾ ننڍي بدن وارو پهلوان، جڏهن ’اندرين‘ هڻي يا ’وارو‘ کڻي پهرئين جوڙ جي ڪنهن ملهه کي دسيندو هو، ته ويٺل ماڻهو اٿي بيهندا هئا ۽ کيس زبردست داد ڏيندا هئا. کيس ملهه جو فن ورثي ۾ مليو هو. سندس والد ”انب شيدي“ سندس استاد هو. ماڇي قبيلي جي سردار ۽ ماڇڪي جي تمندار، حاجي محمد خان جو مٿس تمام گهڻو راضُ هو ۽ هي سڏبو ئي سندس ملهه هو. بکر شيدي هاري هو، پر هن ملهه ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو. هي ملهه جو ادارو هو. هن سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ملهن سان وڏا مقابلا ڪيا ۽ کٽيا. پاڻ 1935ع کارو ڇاڻ، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. 60 واري ڏهاڪي ۾ هي شير ميربحر، غلام قادر، الهجڙئي سمي، جمعدار محمد رحيم، غلام سرور جتوئي، در محمد عالماڻي، سيد سمن شاهه وغيره جي جوڙ جو ملهه هو. هن 1963ع ۾ ميله چرا خان، لاهور ۾ جنرل ايوب خان کان اوارڊ حاصل ڪيو. ان کانسواءِ به هن ڪيترائي انعام ۽ سندون حاصل ڪيون. 2000ع ڌاري ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو .


لفظ بکر شيديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.00.00  عيسوي

بکر شيدي، 1935ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


2000.00.00  عيسوي

بکر شيدي، 2000ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمشيد ٽاٽا
امير بخش ڪلهوڙو
اشتياق انصاري
شاهه محمد شرنائي
جئسنگهاڻي شنڀو
سنت شري مامئي ڏيو
دودو-II
حاتم ٽالپر ڊاڪٽر
سهائي ابڙو
ارم زهرا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون